منگل، 12 فروری، 2019

abstract of sufism

 Sufism or Tasawwuf is the name given to mysticism in Islam. The term Sufism embraces the philosophy and practices which aim at direct communion between God and man, and those who practice Sufism are called Sufis. Scholars differ as to the derivation of the term Sufi, for it is not mentioned in the Qur’an or the books of Hadith, nor does it figure in the standard Arab dictionaries that were compiled as late as the 8th century A.D. According to Qushayri (d. 465/1074), author of al Risala, the word Sufi was used as a generic term to describe individuals adopting a particular religious attitude based on austerity and spirituality, and came into usage only at the beginning of the 9th century. This he explains simply: ‘After the Prophet Muhammad (S.A.W.) Sahabi (companion) was the only title given to the Muslims of that period. The Sufis trace the origin of Sufism or Tasawwuf to the Prophet of Islam. They believe that there were two dimensions to the revelations received by the Prophet: one took the form of the words of the Qu’ran, the other that of the divine inspiration within his heart. The former was meant for all, while the latter was to be imparted to the chosen few and conveyed directly ‘from heart to heart’. ‘Book knowledge’ or the knowledge of the words of the Qur’an and hadith was known as ilm-e-safina, while ‘the knowledge of the heart’ was known as ilm-e-sina. It is generally said that Sufism came into being toward the close of the second or beginning of the third century of Islamic era. It is a mistaken idea that leads some modern scholars to connect Sufism with Greek Philosophy, which had begun to creep into the mind of some of learned Muslims. The earliest of three greatest Islamic mystics were Prophet Muhammad (S.A.W.), his life-partner, Bibi Khadijah (R.A.) and Imam Ali (R.A.). There were others also from prophets’ family and his companions who were actively engaged in Sufi-practices. However, an overview of their spiritual struggle will entail a long discussion. Hence my little attempt and the aim of this paper is to trace the origin and beginning of Sufism.

by:AJAY KUMAR GHOSH & SUMEER AHMAD MIR 

تصوف، معاشرو ۽ عورت

تصوف ، معاشرو ۽ عورت
ڇا تصوف ۽ صوفي ازم يا اهڙو ماڻهو جيڪو انهيءَ نظريي جو پوئلڳ هجي ۽ پاڻ کي صوفي سڏائيندو هجي سو عورت ۽ مرد کي معاشري ۾ بنا ڪنهن فرق ۽ مت ڀيد جي هڪ جهڙو يا برابر جو رتبو يا درجو ڏيڻ کانسواءِ تصوف جي روحانيت ۽ آفاقيت کان مطمئن ٿي سگھي ٿو !
ڇا سندس سوچ ۽ سمجھ توڙي فڪراڻ برابري ۽ تعصب ٻڌل انهيءَ اڌوري تصوف تي  بغير ڪو سوال اٿارڻ جي پوري ٿي  وڄي ٿي !
ڇا اهڙو ماڻهو جيڪو تصوف جي اصل روحانيت کي پوري ريت پروڙي واقف ٿيڻ کانسواءِ  پنهنجي چئوگرد  واري ماحول ۽ معاشرتي ۽ خارجي اثرن کان متاثر ٿيل پنهنجي عقل ۽ شعور مطابق پنهنجي تصوف واري عقيدي جو بنياد رکي مطمئن ٿيو ويٺو آهي تنهن کي واقعي صوفي سڏائڻ جو حق آهي يا اهو چئجي ته هو بيمار صوفي آهي.
روحانيت جو پانڌيئڙو  ته ڪنهن به خارجي اثر قبول ڪرڻ کانسواءِ فقط انهيءَ رستي جو مسافر هوندو آهي ۽ مرڻ گھڙي تائين سچ ۽ حق جي ڳولها جاري رکندو آهي.
آئون سمجھان ٿي ته تصوف ۽ صوفي ازم جا سمورا موجوده نظريا، خيال ۽ تصور بيماري جي ور چڙهيل  اڏوهي کاڌل ۽ تصوف جي بگڙيل شڪل آهن جن تي مردن واري سماج معاشري  مذهب ۽ علاقائيت جهڙين خرابين جا ايترا ته ابيماري جي ور چڙهيل  اڏوهي کاڏل ۽ تصوف جي بگڙيل شڪل آهن جن تي مردن واري سماج معاشري  مذهب ۽ علاقئيت جهڙين خرابين جا ايترا ته اثر آهن جو اسان انهن  پاڻ گھڙيل هٿ ٽوڪين سماجي قدرن اخلاقيات ۽ روايتن جي ناسور جي ور چڙهيل هٿرادوتصوف ۽ صوفي ازم کي ئي حقيقي ۽ آفاقي تصوف سمجھون ٿا. اهو تصور دنيا جي هر معاشري ۾ ائين پکڙجي ويو آهي جيئن ايڊز جو مرض  هجي جنهن جا جيوڙا ڪنهن انسان جي رت ۾ شامل ٿي ان جي سموري جسم ۾ گردش ڪرڻ لڳنددا آهن.
انهن ڳالهين کي آڌو رکجي ته پوءِ تصوف جي اهڙي تصور کي هڪ شعور رکندڙ ۽ غور ڪندڙ عورت ڪيئن قبول ڪري يا ان مان  مطمئن ٿي سگھي ؟ ۽ بنا ڪجھ پڇڻ جي ان کي قبول ڪري وٺي .
اسان جا درگاهي صوفي چون ٿا اسلامي پس منظر ۾  تصوف عورت کي وڏو درجو ڏنو آهي اهڙو( اسپيس) ڏنو آهي جو هوءَ درگاهي راڳ ۽ ناچ جو حصو بڻجي سگھي ٿي.
منهن جو سوال اهو آهي ته ڇا عورت کي رڳو درگاهن تي نچڻ ڪڏڻ جي آزادي ٿي گھرجي ؟! ڇا تصوف اسان جي معاشري ۾ عورت کي رڳو ايتري آزادي ڏئي ٿو ته هوءَ  مرد جي رهبريءَ ۽ رهنمائي ۾ مليل آزادي کي،  اجازت کي غنيمت سمجھي ماٺ ڪري ۽ انهن طرفان مليل انهيءَ نالي ماتر آزادي واري منظوريءَ تي سندن  ٿورائتي ٿي چپ ڪري ويهي رهي جيڪي پاڻ  تصوف جون جعلي ڊگريون پنهنجن هٿن ۾ کڻي پاڻ کي سچو صوفي ٿا سمجھن ۽ صوفي ٿا سڏائين.
ڇا اهي شڪل بگاڙيل ۽ اڏوهي کاڌل نام نهاد تصوف جا ٺيڪيدار جيڪي پنهنجي گھر جي عورتن کي چادر ۽ چار ديواري  جو درس ڏيندي پردي جي تلقين ٿا ڪن ۽ انهيءَ کي پنهنجي عزت جو معيار ٿا سمجهن ۽ صوفي به ٿا سڏائين وري روشن خيالي جو ڊونگ رچائيندي اها فتوا ٿا ڏين ته اسلامي تصوف عورت کي نچڻ  ڪڏڻ جي اجازت ڏني آهي ٻيو ڇا ڪري ! ؟
اهڙن ٻه منهن رکندڙ صوفين کي ڇا چئجي ڇا صوفي اهڙا ٻه منهان به ٿيندا آهن ڇا ؟
اهڙن درگاهي صوفين لاءِ مان ٻيو ڪجه به نٿي چوان پر آئون اهو سمجھان ٿي ته هڪ فڪري سوچ رکندڙ عورت اهڙي شڪل بگاڙيل ۽ بيماري جي ور چڙهيل تصوف  تي نٿي ڀاڙي سگهي جيڪو فقط مردن جي ترجماني ڪندو هجي ۽ عورت کي هڪ جهڙو ۽ برابري وارو مرتبو ۽ درجو ڏيڻ بدران نالي ماتر گنجائش (اسپيس)  ڏيڻ جو قائل هجي. مون ته گھٽ ۾ گھٽ اهڙو تصوف ناهي ٻڌو.!
جڏنهن ته تصوف ۽ صوفي ازم پنهنجي حقيقي فطرت ۾ نج شفاف ڪنهن به قسم جي تعصب جنسي سڃاڻپ ۽ شناخت توڙي فرق ۽ اڻ برابري  کان آزاد آفاقي ۽ لا فاني آهي.۽ آفاقي روحانيت جيڪا تصوف جو محور آهي. هي اهڙو اعلي درجي جو مقام آهي جيڪو ڪنهن به قسم جي سماجي ثقافتي مذهبي ۽ علاقائي اثرن کان متاثر  نٿو ٿي سگھي ۽ نه ئي ان کي بدلائي  ٽوڙي مروڙي ۽ شڪل بگاڙي ڪنهن به انسان تي مڙهي يا ٿاڦي سگھجي ٿو ڀلي اها عورت هجي يا مرد !


 ليکڪ ؛ فردوس صديق .

ہفتہ، 9 فروری، 2019

تلخ يادون

رات جا 9 ٿيا هئا ۽ لائبريرين سڀن کي چئي رهيو هو ته لائيبريري بند ٿيڻ واري آهي ، ۽ لائيبريرين ٽيوب لائيٽون ۽ اي سي بند ڪرڻ شروع ڪيون ، لائيبريري م 50 کان مٿي شاگرد ان وقت موجود هئا ، جيڪي پنهنجا ڪتاب ميڙي ٻاهر نڪرڻ لڳا ، منهنجو دوست ارسلان جيڪو پڙهائي م تمام لائق آهي ۽ سٺي طبيعت جو پڻ مالڪ آهي هن پنهنجي اليڪٽريڪل انجينئرنگ جا نوٽس هٿن م کڻڻ بعد لائيبريري جي مک دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ آئون پنهنجا ڪتاب ۽ اخبارون کڻي جيئن ئي ڊسڪشن هال م داخل ٿيم ته اُتي ويٺل ڇوڪرين جي ميڙ تي نظر پئي جنهن م هڪ ڪنول جي گُل مثل ڇوڪري مٿان نظر پئي ، هونءَ ته اُتي  ڪيتريون  ئي   ڇوڪريون     هيون پر هي الاءِ ڇو سڀن کان الڳ لڳي ، جيئن گلن م گلاب جو گُل منفرد هوندو آ جيئن شاعري جي ميدان لطف جي شاعري منفرد هوندي آ تيئن هو به سڀن کان الڳ ۽ نمايان نظر اچي رهي هئي ، ڏسڻ بعد احساس ٿيو تہ هو هڪ سادي طبيعت جي آ ، چهري تي نه ئي ميڪپ نه  ئي ڪي   خاص زيور بس ٻنهن ڀورين ٻانهن م سونا ڪنگڻ پاتل هئس ، هڪ دم ذهن م جنت جو خيال آيو ته ڇا جنت م به حورون جن جو ذڪر ٿيندو آ اهڙيون هونديون يا هي وڌيڪ حسين آ ؟ وقت ڄڻ بيهجي ويو هجي پيرن م ڄڻ زنجير پئجي ويا.
اکين م ڏسڻ بعد احساس پاڻهئي سنڌو جي گهرائي ڏانهن ڇڪجي ويو ڄڻ تہ سنڌو جي گهرائي م گوتا کائڻ لڳس آئون ، ان جا ڳل ڀورا ۽ ڳاڙها هئا ڄڻ تہ قدرت سڀن حسين گلن مان ان جو چهرو ٺاهيو هجي ، ان جا وار ان جي چهري تي هر هر ائين پئي آيا جيئن چوڏهين جو چنڊ سانوڻ جي ڪڪرن سان اک ٻوٽ راند کيڏي رهيو هجي ، هن جي وارن جي سينڌ سنڌو دريا جيئن سنڌو جو سينو چيري اڳتي وڌندو آ تيئن ئي هن جي وارن جي سينڌ جي ليڪ هئي ،
هو پنهنجا ڪتاب سهيڙيندي ڪجھ جهونگاري رهي هئي ۽ پنهنجي ساهيلي سان ڪنهن ڳالهه تي ٽهڪ به ڏئي رهي هئي ، هن جي ٽهڪن ۾  ڪوئل جي مڌرتا سمايل هئي .
 مان پنهنجي خيالن کي ان اڳيان بيوس پئي محسوس ڪيو ايتري م پويان ڪنهن جي آواز مونکي ساڳي پنهنجي هوش واري جاءِ تي آڻي بيهاريو ، ڪنڌ ورائي ڏسان ته پويان ارسلان مرڪندڙ مک سان چئي رهيو هو تہ  “سرويچ” هلو ڪٿي گم ٿي ويا هو ڪينٽين پهچڻو آ دير ڪنداسون ته اڄ بک تي گزارڻو پوندو، مون کي ڄڻ اڻ پيتي جا نشا چڙهي ويا هئا، هوش سنڀالڻ م ٿورو وقت لڳو .
منهنجي ۽ ارسلان جي روٽين هوندي هئي ته پنهنجي ڊيپارٽمنٽ مان هاسٽل وڃي هڪ ڪلاڪ ريسٽ ڪندا هئاسون ان بعد وري لائيبريري ويندا هئاسون ، اسان لائيبريري پهچڻ کان اڳ اولڊ ٽيچر هاسٽل تي چانهه ضرور پيئندا هئاسون ، هونءَ به آئون چانهه جو وڌيڪ شوقين آهيان ، آئون روز لائيبريري ويندو هئم هو ڪنهن پرديسي پکيءَ وانگي ڪڏهن ڪڏهن لائبريري جي رونق کي چار چنڊ هڻڻ ايندي هئي .
ڪجهه ڏينهن ائين ئي گزري ويا هو نه آئي پر هڪ ڏينهن اوچتو هو اسان جي ڪلاس جي ڇوڪري فاطمه سان گڏ ايندي نظر آئي ، فاطمه مونکي پنهنجو ڀاءُ سڏيندي هئي ۽ تمام عزت ڪندي هئي .
ارسلان پنهنجا نوٽس چيو ت اجايو آيا آهيون مهراڻ يونيورسٽي م اصل جيل يا فوجي ڇانوڻي آهي ، مان گرلز سيڪشن جي بلڪل سامهون سيپريٽ سيڪشن م ويهي پڙهندو هئس ، اُتي گوڙ گهٽ هوندو هو .
فاطمه مونکي ڪڏهن ڪڏهن ڊيپارٽ م ملندي هئي ڪنهن نه ڪنهن ڪم سانگي ، هڪ ڏينهن مون فاطمه کان پنهنجي فيلڊ سان ريليٽڊ ڪتاب ورتو جيڪو فاطمه شام تائين موٽائي ڏيڻ جي شرط تي ڏنو . ۽ مون به شام لائيبريري م واپس ڏيڻ جو چيو .
شام ٿي ساڳي ڇوڪري فاطمه سان گڏ اچي گرلز سيڪشن م اچي ويٺيون ، آئون پنهنجي پڙهائي م لڳو رهيم ٿوري دير بعد منهنجي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو پوئتي ورائي ڏٺم ته لائيبريرين هيو ۽ اشارو ڪندي ٻڌايائين ته هوءَ ڇوڪري توهان کي سڏي پئي ، مان ڏٺو ته فاطمه ۽ هو ٻئي بيٺيون هيون لائيبريرين جي ٽيبل اڳيان جيڪا لائيبريري جي وچ م پيل آهي .
مان ڪتاب کڻي سندن ڏانهن وڌڻ لڳم پهچي ٻنهن کي سلام ڪري فاطمه کي ان جو ڪتاب موٽايم ، فاطمه منهنجو تعارف پنهنجي ساهيلي سان ڪرائيندي چيو “پرهه” هي آهي ادا “سرويچ” تنهن تي پرھ چيو اووه اوهان آهيو مسٽر سرويچ فاطمه اوهان جي تعريف ڪندي آ ، آئون اتان انهن کان موڪلائي پنهنجي اسٽڊي واري جاءِ ويهي پرهڻ لڳس .
ائين ئي آهسته آهسته فاطمه سان گڏ ايندڙ پرهه سان منهنجي به دعا سلام ٿي ۽ رابطي لاءِ پنهنجا نمبر مٽا سٽا ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا تي پڻ ايڊ ڪيوسين .
مونکي سنڌي ادب سان تمام گهڻو چاهه آهي پر هو سنڌي ادب کي ايترو پسند نه ڪندي هئي .
پرھ ۽ مان ڪڏهن به اڪيلا نه مليا هئاسين جيتريون به ملاقاتون ٿينديون هيون فاطمہ جي موجودگي ۾ ٿيون هيون پر نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ويو جو اسان ٻنهي اڪيلي ۾ ملڻ جو ارادو ڪيو هي منهنجي پرھ سان پهرين اڪيلائپ ۾ ملاقات هئي،مان سوچي رهيو هيس ته ڪهڙو تحفو ڏيانس پوءِ خيال آيو ته ڇو نه پنهنجي ڪتابن مان ڪجھ ڪتاب تحفي ۾ ڏيانس، مان هن لاءِ خاص خاص ڪتاب ڳولي رکيا ۽ ان ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳس ان ڏينهن پرھ جي وائواز هئي هو وائواز ڏئي آئي ۽ مان انجو لائبريري ۾ اڳ ئي انتظار ڪري رهيو هيس ان ڏينهن لائبريري ۾ ايتري ته رش هئي جو مون ملڻ جو خيال ترڪ ڪري ڇڏيوبس سوچي رهيو هيس ته پرھ اچي ته ڪتاب ڏيانس ۽ مان هليو وڃان، پرھ آئي ۽ مونکي ڏسي مرڪي هنجو هڪڙو دفعو مرڪي ڏسڻ ئي ڪافي هيو مان ميڻ وانگر ڳري ويس ۽ دل ۾ امنگ جاڳي پئي ته پرھ سان ڪجھ لمحه گذاريان پر اوڏي محل شايد نه ملي سگهون ها جي پرھ کي ڪتابن جي شيلفن جي وچ واري خالي جڳھ نظر نه اچي ها، اسان ٻئي اتي ويٺاسين پرھ بي چپ ته مان بي چپ اسان ٻنهي وٽ ڪو به موضوع ڪون هيو جو انتي ڳالهايون پوءِ پرھ مونکي ٻڌايو ته هو هڪ مڊل ڪلاس جي فيملي مان آهي ۽ سندس والد هڪ سرڪاري ملازم آهي هو ٽي ڀينرون آهن ،پرھ انتي مونکي چيو سرويچ توهان پنهنجي باري ٻڌايو مون وراڻيو ته هر شي ساڳي آهي مونسان بس توهانجو والد صاحب حيات آهي ۽ منهنجو بابا تڏهن گذاري ويو هيو جڏهن مان اٺون پڙهندو هيس انتي پرھ مون ڏي همدردي مان ڏسندي چيو ته سرويچ مونکي معاف ڪجو مونکي خبر نه هئي ته توهانجو والد صاحب مالڪ حقيقي ڏي هليو ويو آهي انتي مون چيو ته سڄي فيملي جي زميداري مونتي آهي جنهن کي مان پڙهائي پوري ڪري نڀائڻ ٿو چاهيان مان اهو به ٻڌايوهيو ته مونکي وڏو شوق آهي سي ايس ايس امتحان ڏيڻ جو، پوءِ اسان ٻئي زماني جون ڳاليون ڪرڻ لڳاسين پرھ ايڏي ته معصوم ۽ سادي هئي جو مونکي شڪ پئي ٿيو ته هي سڀ ڪجھ بناوٽي ته ڪونهي پر پوءِ يقين ٿيو ته واقعي ئي پرھ ايڏي معصوم آهي ڳالهين ڳاليهن ۾ مان پرھ کان پڇيو ته پرھ توهانکي زندگي جو ڪو خواب يا خوائش آهي انتي پرھ چيو ها آهي نه مونجي خواهش آهي ته مان دنيا جا سٺا سٺا ملڪ گهمان  ۽ اها ڳالھ ڪندي مون هنجي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ ڏٺي هئي،پوءِ اسان جام ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي پنهنجي هاسٽل هليا وياسين.
ملڻ جلڻ جو سلسلو ائين جاري رهيو جيئن ڪنهن آبشار مان پاڻي لڳاتار وهندو آهي،هر هفتي جي جمعي تي اسان ٻئين ڪلاسس وٺڻ کانپوءِ سنڌيالاجي هليا ويندا هئاسين ۽ شام جو واپس ايندا هئاسين، ٿوري ئي وقت ۾ اسان ٻئي هڪ ٻي کي بيهد ويجها ٿي ويا هئاسين،اسان ٻنهي جو جوڙو به ڏاڊو عجيب هيو جو مان ٿورو خاموش ۽ سنجيدا          رهڻ وارو ته هوء وري چنچل ۽ خوش مزاج ڇوڪري هئي.
هڪ ڏينهن اسان ٻنهي حيدرآباد ۾ ڊنر ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ مون پرھ کي پرپوز ڪيو ان تي هن چيو ته جيترو به وقت توسان گذاريو آ ان مان اهيو ضرور سکيو آ ته مونکي توهان سان محبت ٿي وئي آهي ۽ هڪ چاندي جي منڊي مونکي پارائيندي چيائين ته جبران مونکي ڪڏهن ڇڏي نه وڃجان هن جا اهي لفظ مونکي دل ۾ تير وانگر لڳا هئا ۽ مون اوڏي مهل ئي پنهنجي زندگي جو مقصد پرھ جو ساٿ ڏيڻ ٺاهي ڇڏيو هيو اسان ٻئي هڪ ٻي سان بيهد سنسيئر هئاسين،پرھ سان گڏ هوندي مونکي نه اڃ جي هوندي هئي نه بک جي بس دل او دماغ تي پرھ ڇانيل هوندي هئي پرھ مون لاءِ ائين هئي جيئن ٿر تي ڪارا ڪڪر اچن ۽ برساتن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ڪن،پرھ منهنجي زندگي جي پهرين محبت هئي  مون زندگي کي ايڏو حسين ۽ دل فريب پهرين ڪڏهن محسوس نه ڪيو هيو پرھ  جو منهنجي زندگي ۾ اچڻ ائين هيو جيئين ڪنهن مسافر کي پنهنجي منزل ملي وئي هجي يا وري طوفانن ۾ ڦاٿل ان ڪمزور ٻيڙي کي ڪنارو ملي ويو هجي جيڪا اڳلي ئي لمحي ٻڏڻ واري هئي ۽ پنهنجي هر اميد وڃائي ويٺي هجي.
مون هڪڙي ڀيري پرھ  کي اداس ڏٺو هيو ۽ پڇو هيو مانس ته ڇا مسئلو آ پر هن حقيقت ڪون ڪئي هئي،پوءِ مونکي ڪٿان خبر پئي هئي ته ڪو پرھ جي ئي ڪلاس جو ڇوڪرو کيس تنگ ڪندو هيس دوستي رکڻ لاءِ چوندو آهيس مان ان ڳالھ جي تصديق فاطمه کان ڪئي ۽ ارسلان سميت ڪجھ دوستن سان گڏ ان سان وڙهڻ ويس وڙهياسين ڪجھ ڌڪ هنهن کي لڳا ته ڪجھ اسانکي مونکي سڪا ۽ رتانڻا ڌڪ لڳا هئا، ٻئي ڏينهن جڏهن پرھ مونسان ملي ته مونکي بينديج لڳل ڏسي مرجهائجي وئي ۽حيرت مان پڇيائين ڇا ٿيو اٿئي مان نٽائيندي ٻي ڳالھ ڪئي ته ڪاوڙ ۾ اچي چيئين ٻڌايندي يا نه پرھ ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙهي ٿي ويندي هئي جنهن تي مون هنکي حقيقت ٻڌائي ته پرھ روئڻ واريو اکيون ڪري چوڻ لڳي چريا توکي ڪجھ ٿي وڃي ها ته ان تي مون کيس چيو ته چري مونکي ڪجھ ٿورئي ٿيندو تنهنجي هوندي.
ايتري ۾ فاطمه کي به اسان جي پريم ڪهاڻي جي خبر پئجي وئي هئي جنهن تي فاتمه مونکي چيو ادا مونکي ٽريٽ کپي جنهن تي مون ورانڻيو ادي کوڙ ٽريٽون ۽ پوءِ مان پرھ ۽ فاطمه حيدرآباد پيزه هٽ وياسين مون فاطمه کي ٽريٽ  ڏني ڇو جو مان نه پئي چاهيو ته فاطمه پرھ  کي ڪڏهن منهڙو ڏيس خير ان وقت مون وٽ ايترا پئسا ڪون هئا مون پنهنجي سالياني يونيورسٽي جي فيس نه پياري هئي ۽ تڏهن ٽريٽ ڏيڻ جي قابل ٿي سگيس.
هڪڙي ڀيري مان ۽ پرھ گرلس هاسٽل جي سامهون مارٽ جي پويان ويٺا ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ٿدڙي هير به لڳي رهي هئي ماحول بلڪل خاموش هيو آفتاب به غروب ٿي رهيو هيو جهڙو بيضي جي ڦڪي زردي هجي ،
اسان ٻئي بلڪل ويجها ويٺا هئاسين ۽ مان پرھ جي اڃا ويجهو ويس ۽ پرھ جا چپ چمڻ شروع ڪيا پرھ بي ساٿ ڏنو مونکي ته ائين محسوس پئي ٿيو جو مان ماکي کان مٺو ۽ شراب کان به وڌيڪ نشي وارو ڪو مشروب پي رهيو آهيان اهي احساس اهي جذبات شايد مان لفظن ۾ قيد ئي نه ڪري سگهان پرھ جي اندران ايندڙ تيز گرم ساھ مون ۾ اڃا بي جوش ڀري رهيو هو،
خير دل ته نه پئي چيو الڳ ٿيڻ کان پر هن سماج جي لڪل نانگن جي ڀوءَ کان اسان ٻئي الڳ ٿياسين، اونداھ بي ٿي وئي هئي مان پرھ کي انجي هاسٽل گيٽ وٽ ڇڏيو ۽ مان پاڻ به رڳو گذريل لمحي جون حسين ۽ دلڪش  سوچون کڻي پنهنجي بوائز هاسٽل ڏانهن وڃڻ لڳس.
هڪڙي ڏينهن پرھ مونکي ٻڌايو ته آل ڊپارٽمينٽ ٽوئر انائونس ٿيو آ اسان ٻئي به هلون نه هن جي چوڻ جو انداز ئي ايڏو پيارو هيو جو مان منع نه ڪري سگهيس مون پرھ جي ۽ پنهنجي پنج پنج هزار فيس ڀري ۽ ٺيڪ هفتي کانپوءِ اسان ٽوئر تي وياسين،ٽوئر ٻن ڏينهن جو هيو سو رهائش جو انتظام يونيورسٽي طرفان ڪنهن سٺي رهائشي هوٽل ۾ ڪيو هيو، پهرين ڏينهن ته اسانکي گهمائي گهمائي منجهند جو اچي هوٽل تي  لاٿو ٿهڪجي به پياسين انڪري بوائز پنهنجي ڪمرن ۾ ۽ گرلس پنهنجي ڪمرن ۾ آرام ڪرڻ هليا ويا.
شام پنج ٿيا هئا منهنجي اک کلي ته مان پنهنجي ڪمري مان نڪري ويس هوٽل جي بالڪني ۾ ته اتي مني  ريسٽورينٽ هيو ڏٺم ته پرھ ڪجھ ٻين ڇوڪرين سان گڏ ويٺي هئي مان سندس موبائل تي رنگ ڪئي ۽ چيو ته اتان نڪري اچي هو آئي مونڏي ۽ اسان ٻئي ڪپلس روم ۾ وڃي ويٺاسين جٿي روشني به ڏاڍي ڊم هئي ۽ ڪپلس لاءِ بوٿ الڳ الڳ گولائي واري شيپ ۾ ٺهيل هئا جيئين ڪنهن جي ٻئي تي نظر ن پوي پرھ ۽ مان اتي چانھ آرڊر ڪئي ۽ ڪچهري ڪرڻ لڳاسين ان ڪپلس هال ۾ ڊيڪوريشن ۽ روشني جو حساب ڪتاب اهڙو ته بهترين ٿيل هيو جو ماحول پاڻ مرادو رومانٽڪ ٿي ويو هيو مان پرھ جي هٿ تي هٿ رکيو ۽ زور سان دٻايو ت پرھ منهنجي هٿ کي ب زور سان پڪڙيو اسان ٻنهي جي جسمن ۾ جواني جون چڻگون ڪرنٽ وانگي ڊوڙي رهيون هيون ۽ مان پرھ جي دل جي ڳالھ سمجهي ويس مان اوڏي مهل ئي فاطمه کي رنگ ڪري چيم ت ادي اڄ رات پرھ ۽ مان گڏ هونداسين توهان پنهنجي ميڊم کي سنڀالي وٺجوس فاطمه ٿورو کلي ۽ چيائين ڀلي ادا توهان بي فڪر رهو.اسان اتان اٿياسين ۽ مون ان ئي هوٽل جي مٿين فلور تي الڳ ڪمرو بُڪ ڪرايو ۽ پوءِ اوڏهين وياسن.
اها رات منهنجي زندگي جي سڀ کان حسين ۽ مٺي رات هئي ان رات مونکي پنهنجي وجود ۾ هڪ نواڻ ۽ تبديلي محسوس ٿي هئي اها ئي رات هئي جنهن رات اسان ٻنهي پنهنجو ڪنواريون جوانيون هڪ ٻئي تي بنا خوف جي سڄي رات نڇاور ڪيون هيون ۽ ٻئي جسم هڪ ٿيا هئا، سچ پچ ته اها سڄي رات اسان ٻئي ستا ئي ڪون هياسين.
ٽوئر تان واپسي  ٿي ۽ محبتن جو سلسلو ائين ئي اروج تي رهيو جيئين ڪنهن دور ۾ موئن جي دڙي جو اروج هيو.
فائنل ايئر ۾ آياسين ۽ اهو سال مونتي قيامتن وارو سال هيو،مان پنهنجي امان سان فون تي ڳالهايو ته تون پرھ جي امان سان ڳالهاءِ منهنجي ۽ هنجي رشتي متعلق منهنجي امڙ ٿوري بحث ڪرڻ کانپوءِ مڃي ورتو.
مان پرھ  کي ملڻ لاءِ چيو هو آئي مارٽ تي اسان ٻنهي جوس پيتو ۽ مون چيو مانس ت تون پنهنجي امڙ جو موبائل نمبر ڏي انتي پرھ عجب مان چيو ڇو خير ۾ مون چيو منهنجي امڙ ڳالهائيندي تنهنجي امڙ سان پرھ چيو پر ڇا جي بابت مون چيو اسان ٻنهي جي رشتي بابت انتي پرھ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چوڻ لڳي مان شادي ۽ توسان اسان ٻئي ڪڏهن ب هڪ نٿا ٿي سگهون، پرھ جا اهي لفظ ٻڌي منهنجي اکين تي جهڙو انڌهار اچي ويو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ائين ڇوليون هڻڻ لڳا جيئين چوڏهين جي رات سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي.
منهنجي اکين جا گوڙها منهنجي مرضي جي خلاف اکين جا بند ڀڃي وهڻ لڳا ۽ مان آلين اکين سان پڇومانس ت ڇو نٿا ٿي سگهون هڪ انتي پرھ انتهائي خودغرض ۽ مطلبي لهجي ۾ چيو ڇو جو مونکي آسمان تي وڃڻو آ ۽ تون محض زمين جي معمولي خاڪ آهين، ۽ خاڪ کي منهن تي ناهي لڳائبو بلڪه منهن تان صاف ڪبو آ، منهنجي ت اوڏي مهل ڄڻ دنيا ئي ختم ٿي وئي هئي مان پوءِ ب پنهنجو پاڻ کي سنڀاليندي پڇيومانس ت هي جيڪو ڪجھ اسان ٻنهي جي وچ هيو اهو ڇا اهيو انتي پرھ کلندي چيو اهو سڀھ ڪجھ ٽائيم پاس هيو توسان منهنجو، منهجي اکين مان لڙڪ ائين جيئين ڪو آبشار برسات جي مند ۾ وهندو آهي.
مان اتان پنهنجي ٽٽل دل ۽ اڌورا ارمان کڻي هلڻ لڳس ت پويان پرھ چوي ٿي مونسان اڄ کان پوءِ ن ملڻ جي ڪوشش ڪجان ن ئي ڪنهن قسم جو رابطو رکڻ جي ڪوشش ڪجان مان بنا پوئتي اشارو اشارو ڪيو ۽ پنهنجي هاسٽل ڏانهن هلندو رهيس.
مان مهراڻ يونيورسٽي مان فائنل ڪري هليو ويس ۽ سي ايس ايس جي تياري ڪيان ٿو ۽ فائنل ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ امتحان ڏيان ٿو ۽ سليڪٽ ٿي ٿو وڃان سي ايس ايس ۾ ۽ اسسٽنٽ سپريڊنٽ آف پوليس ٿيان ٿو،وقت گذري ٿو ۽ جڏهن منهنجي پنجاب مان بدلي ٿي سنڌ اچان ٿو ۽ ڪراچي ايسٽ ۾ اسسٽنٽ سپريڊنٽ آف پوليس طور پنهنجو خدمتو سر انجام ڏيان ٿو نئي نئي بدلي ٿئي ٿي ت ڪپڙن وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪندي ارسلان کان فون تي پڇان ٿو ت ڪراچي ۾ سٺو شاپنگ سينٽر ت ٻڌاءِ ۽ اهو هائپر اسٽار جو ڏس ڏي ٿو مان آچر جي ڏينهن پنهنجي آفيشل پروٽوڪول سان گڏ هائپر اسٽار شاپنگ ڪرڻ لاءِ نڪران ٿو،شاپنگ ڪندي ڪندي اچانڪ منهنجي پرھ تي نظر پوي ٿي جنهن کي ڪڏهن مان هن ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ چاهيندو هيس هو منهنجي سامهون اچي ٿي ۽ مونکي ڏسي حيرت مان چوي ٿي ت سرويچ تون هتي مان چوان ٿو جي مان،
پرھ  ٽوڪ جي انداز ۾ پڇيو ت ڇا پيا ڪيو اڄڪلھ منهنجي پويان بيٺل پنج گارڊ انجي گواهي ڏينس ٿا ت مان ڪنهن تمام وڏي پوسٽ تي آهيان پوءِ ب مان هنکي هنجي اوقات ياد ڏياريندي چوانس ٿو ت هتي اسسٽنٽ سپريڊنٽ آف پوليس آهيان سي ايس ايس ڪليئر ڪيم پرھ جي چهري تي حيرت جا ڪڪر ڇائنجي  ويا هجن اهڙو منهن ٿي ويس ٻڌي.
مون چيو ڪجھ سپنا ڏٺا هئا جن مان سي ايس ايس پاس ڪرڻ هيو اهو پورو ٿي ويو باقي ڪجهه ماڻهون نه مليا جيڪو ب وقت گذاريم ان جو وڏو افسوس آ ته ڇو فضول ماڻهن تي ضايع ڪيو.
مان ويندي ويندي پرھ کي آخري لفظ چيا ت محبت.
زندگي جو حصو ضرور آهي پر زندگي ناهي

سرويچ

جمعہ، 1 فروری، 2019

سنڌ ۽ سنڌهو ( حصو ٻيون)


مون به يونيورسٽي ۾ کهوڙ ساريون ڇوڪريون ڏٺيون
هيون پر هنجي ڳالھ ئي ٻي هئي ڀورو چٽو رنگ جيئين تازي نڪتل خير هجي گهاگر ۾ چهري تي رونڪ ۽ چمڪ اهڙي جو پورو چنڊ به ڪجھ نه لڳي ۽ انسان گڏ اداسي ۽ خاموشي جو گرهڻ لڳل جيئين چنڊ کي چٽا داغ نظر ايندا آهن،وار اهڙا ڪارا ۽ ڊگها جو واسينگن جون ٽوليو ۽ هنجون چڳون، مٿي تي اجرڪ اوڙهيل جيئين سموري سنڌ لڄ ۽ لوئي سان ڍڪيل هجي، اڪثر اسانجي ملاقات يا ته نعريبازي ۾ هڪ ٻئي کي پري کان ڏسندي ٿيندي هئي يا وري آئي ٽي فيڪلٽي وٽ منهنجي ميٽنگ دوران ڪن پل جي نظرن جي ڏي وٺ ٿي ويندي هئي پر ڪڏهن به ٻنهن کي ڳالهائڻ جي همت نه ٿيندي هئي هوء هئي ته ڏسڻ ۾ بلڪل خوش مزاج ڇوڪري پر مونکي هنجون اکيون ڪجھ ٻيو ۽ هنجون مرڪون ڪجھ ٻيو ٻڌايندا هئا پارٽي ڪمن کان علاوه به مان اليڪٽرانڪس ڪينٽين تي جام ويندو هيس خاص ڪري پهرين ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوء ناشتو ڪرڻ لاء هاسٽلر ماڻهون هيس کائڻ پيئڻ جو مقرر ٽائيم ڪون هوندو هيو، مان هن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هئس پر پنهنجي قوم ۽ ڌرتي جي ڪمن سبب چئي نه پئي سگيس بس ڪنهن بهاني سان هنجي جهلڪ ڏسڻ ايندو هيس ڪڏهن اجرڪ ته ڪڏهن رئو يا بنارسي لوئي وري ڪڏهن ڊگهي شال يا وري اصل پورو ابايا ائين پئي محسوس ڪندو هيس ته سموري سنڌ پنهنجا گذاريل تاريخي دور منهنجي اڳيان دهرائي پئي جيئين تيئين مون هنسان رابطي ڪرڻ جي سهولت ڳولي اها ساڳي ڇوڪري جنهن کي مون بائڪاٽ جي ڏينهن ڇڏيو هيو ان مونکي هنسان ملايو هيو خير مون هنکان نمبر گهريو هيو پهرين ملاقات ۾ ئي هن عجب مان چيو هيو بس سڀئي آدرش ۽ اصول ختم ٿي ويا ڇا ڪامريڊ صاحب مون وراڻيو هيو ته توهانکي پسند ڪيان ٿو سڌهي ڳالھ آ ۽ مان سيرئس آهيان هي منهنجو نمبر اٿو جيڪڏهن مونکي پاڻ لائق سمجهو ته رنگ ڪجو نه ته اڄ کان پوء مان توهانکي ڪڏهن ڏسندس به ڪون اهو منهنجو واعدو آ مان ائين چئي ڪاوڙ مان موٽيو هيس ان ارادي سان ته بس ڪجھ ڪون ٿيندو هو مونکي سنڌو جي پيٽ ۾ لڳل گهري ڪن جيئان بس تڪيندي رهجي وئي، لڳ ڀڳ مهينو گذري ويو هيو ان ڳالھ کي اسانکي شڪايت آئي هئي ته ٽيليڪام جو هڪڙو استاد ڇوڪرين کي هراسان ڪري ٿو جيئين ته معملو نياڻين جو هيو مون چيو ان استاد سان اڪيلي ملبو ۽ سمجهائبو هروڀرو دهل کڻي ناهي نڪرڻو مان پريس سيڪريٽري ۽ نائب صدر کي ساڻ ڪري ان استاد سان ملڻ ويس سڌو سمجهائندي چيومانس ته سائين استاد آهيو هتي سڀئي توهانجا اولاد جهڙا شاگرد آهن نياڻيون ڌيئون ۽ ڀهينر جهڙيون اٿو ڇو ٿا استادي جي پيغبري پيشي کي خوار ڪيو پنهنجا پير سڌ ڪيو نه ته اهي جوتا هڻندو مانو جو سڄي زندگي ڪون وسرندو تپي ويو هيس ۽ آفيس مان نڪري باھ لڳو جيئين ئي ڪوريڊور کان آيو هيس ته توتي نظر پئي هئي ٺپ ٺري ويا هئا سفا برف ٿي ويو هيس ڪاوڙ جهڙا ٻرندڙ جذبات اچانڪ محبت جي گلابي گلن جي مهڪ ۾ گم ٿي ويا هئا بس توکي ڏسندو ئي ٻاهر نڪتو هيس روح سٽ کاڌي هئي وڏي واقت کان پوء تنهنجو ديدار نصيب ٿيو هيو پر تنهنجي عزت ۽ پنهنجي لفظن کي مان ڏيڻ لاء هليو ويو هيس، شام جو تقريبن 4 بجي گولڊ ليف هٿ ۾ هيو ۽ ليپاپ تي جگجيت سنگھ جو گانو ٻڌي رهيو هيس ته "آتي آتي ميرا نام سا رھ گيا، اسکي هونٽون پي کچھ کانپتا رھ گيا" ميسج آيو هيو 10 منٽن ۾ مونسان گرلس هاسٽل گيٽ تي ملو سنڌهو مان تر تڪڙ ۾ وڃي پهتس اتي ڏٺم ته سنڌهو ساڳو اجرڪ اوڊيون بيٺي هئي مان سلام ڪيو ۽ پڇيو ته ميسج توهان ڪيو هيو نه هن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو هيو ڇو مير صاحب ٻي ڪا به ملڻ واري اٿو ڇا مون تڪڙ ۾ وراڻيو هيو نه نه اصل ۾ ان لاء پڇان ٿو ڇوجو توهان ته حيدرآباد رهندا هو تڏهن هيڏي هوڏي ڏسندي چيو هيئي ها هتي پنهنجي صحيلي شبنم وٽ ترسيل آهيان مون چيو هيو بهتر آ اهو ته ۽ مون فلافل ان تي هنکي جوس يا برگر جي آڇ ڪئي هئي جيڪا سنڌهو قبوليندي چيو هيو مير سيرس ڳالھ ڪرڻي آ توهانسان مون چيو هيو حاضر حڪم ڪيو ڇا ڳالھ آ اکين ۾ لڙڪ تري آيا هيئي مونکي ڏسندي چيو هيئي ته مير منهنجي مڱڻي ٿيل آ سوٽ سان مونکي ائين محسوس ٿيو هيو ته تون رڙيو ڪري روئڻ پئي چاهيو شايد، مونکي اهو ٻڌي دل ئي دل ۾ افسوس سان گڏ اهو به خيال آيو هيو ته ڪيڏي بيوقوفي ڪري ويٺس يار، سنڌهو مونکي گهوريندي ئي وري چيو هيو مونکي مڱڻي قبول ڪونهي مان امڙ جي پيٽ ۾ هئس ته منهنجي مڱڻي ڪئي وئي هئي اسانجو جاگيرداري گهر آهي بابو زميندار سوچ جو ماڻهون آ ۽ مونکي سوٽ سفا نٿو وڻي اڻ پڙهيل جاهل آ اخبار به نه پڙهي سگهندو آ ٻيو ته مونکان 20 سال وڏو آ پهرين ئي شادي ٿيل ٿس ٻار به اٿس رڳو ڪبوتر ۽ ڪڪڙ وڙهائندو وتندو آ ۽ ٻيو ته ٻيو نه کائڻ جي طميز نه وهنجڻ جي سفا انسان ته آهي ئي ڪون مير مان ڇا ڪيان توهان مونکي ان ڏينهن چيو مان ڪافي سوچو آ پر مان پاڻ قيد آهيان تون اهو سڀ ڪجھ هڪ ئي ساهي ۾ چيو هيو ۽ مان بس بت لڳو ٻڌندو رهيو هيس ۽ سفا سن ٿي ويو هيس جيئين ڪنهن مونکي انسٿيشيا جي انجيڪشن هنئي هجي سوچ جي ساگر ۾ ڪرندو ويس پئي ۽ سوچيندو ويس پئي ته ماڻهو اهڙا به ٿي سگهن ٿا ايڏي جهالت ايڏو ظلم تون پنهنجي موبائل ۾ انجا ڦوٽو ڏيکاريا هئا مان توکي ڏسي وري ڦوٽو ڏٺا پئي بس ائين پئي لڳم ته ڪٿي چور سڃا آهن ته ڪٿي ڊهور، خير اهو ظلم هر پوئتي پيل ۽ جاگيرداري سماج ۾ آهي سرمائيداري سماج پوء به جاگيرداري سماج کان بهتر هجي ٿو ڪجھ آزاديون ۽ تبديليون بهتر اچن ٿيون، مونکي ته ائين پئي محسوس ٿيو تنهنجا سور ۽ تڪليفون ٻڌي جيئين سنڌ تي منهنجي اکين اڳيان ارغون، ترڪ، مغل، ايراني، آريا ۽ عرب انگريز قبضو ڪندا هجن ۽ مان هڪ اٻوج سنڌي وانگر هٿن ۾ صرف زرعات جا اوزار کنيو بيٺو ڏسان منهنجي ته سوچ تي اونداهي جا تالا لڳي ويا هئا توکي ٻڌنڌي ۽ تون ڪنهن بريڪ فيل ٽرين جيئان بس هڪ ئي ساهي ۾ ڳائهائيندي وئين، مون هڪ سمجدار ۽ سنجيده نوجوان وانگر توکي آٿت ڏني ۽ چيو ته سڀ بهتر ٿيندو توهان همت نه هاريو مان توهانسان گڏ آهيان مون توکي ان ئي مهل چيو هيو سنڌو تون ڪميشن جي تياري ڪر ڪنهن ڪميشن جي امتحان ۾ پاس ٿي پنهنجي زندگي پاڻ گذار تون چيو هيو مونکي ساٿي کپي جنهن کي مان پنهنجو ڪري سگهان جنهن جي دم تي ابا سان وڙهي سگهان ته منهنجي پسند هي آهي ۽ مون چيو هيو اهو توهان ڏسو جيڪو توهانکي پسند آهي لازمي ٿوڙئي آ مان توهانکي پسند ڪيان ٿو ته توهان به مونکي پسند ڪيو ڏسو سوچو سمجهو محسوس ڪيو پوء فيصلو ڪيو سج لٿي جي آذان اچڻ لڳي ۽ مان توکي ايلسا قاضي گرلس هاسٽل ۾ موڪلي پاڻ پنهنجي روم تي اچي ويو هيس، 

جمعرات، 31 جنوری، 2019

ابتداء

سنڌ ۽ سنڌهو
حصو پهريون
هو سفا سهميل هرڻي وانگر هئي جيڪا هر وقت شينهن ۽ ٻين ماسخور جانورن کان لڪندي وتندي آهي، پوائنٽ جي دري کي چمبڙيون ويٺي هئي جڏهن مون پوائنٽ تي چڙهي سڀن کي چيو هلو هلو پوائنٽون نه هلنديون ته هن مونڏي نهاريو هيو منهنجو ڌيان ٻئي پاسي هيو پر هنجي نهار ۾ هڪ پٽ پاراتو يا ڪاوڙ کي گڏائي جيڪو جذبو ٺهي اهو اڀريو هيو، مون سڀن کي لاهڻ شروع ڪيو ۽ اچي هنکي به چيم محترما پوائنٽ مان لهندو يا ڀنڄون پوانٽ کي منهنجي ائين چوڻ سان هن هڪ جهٽڪو ڪاڌو ڄڻ مون هنکي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هجي خوب جا بادل چهري تي ڇائنجي ويس جيئين ڪو شرم ٻوٽي ڪمائٽجي وڃي يا وري گولي جي آواز تي پکي وڻ ڇڏي اڏامي وڃن، سڀن کي پوائن تان لاهڻ کان پوء مان ٻين معاملن تي غور ڪيو نعريبازي جو اشارو ڪيو سڀن کي هي مسلسل مونکي نوٽس ڪندي رهي جنهنجو پتو مونکي هڪ دوست اچي ٻڌايو ته "مير" سامهون ڇوڪري توکي مسلسل ڏسي پئي ڇا معاملو آ مون ڏسي کلي چيو نه يار مونکي گاريون ڏيندي هوندي دل ۾ شايد ننڊ مان جڳائي پوائنٽ مان لاٿو مانس تڏهن تون ڪم تي ڌيان ڏي ڪو به شاگرد نه وڃي هتان ذميداري سان معملو سبڀاليو سڀئي ڇوڪرا يار، اس ۽ گرمي سبب مان پگر ۾ شل هئس گرمي جو احساس مونکي منهنجي نروزي سينڊل جي تري مان ٿي رهيو هيو مجهند ٽاڪ هئي گرمي اروج تر هئي مون نظر ڦيرائي ڏٺو سڀن شاگردن ڏي ته ڇوڪريو ويچاريون ته برقن ۾ هيو انهن سان ڇا حالت هوندي مونکي اڇي ڪاٽن جي ڪميس به تنگ پئي ڪيو، بهرحال مونکي صدر جو حڪم هيو ۽ جنرل سيڪريٽري هئڻ سبب پارٽي جي مونتي ذميداري به وڏي هئي منو ڪلاڪ ٿي ويو انتظاميا وارن مان ڪو به ڳالهائڻ نه آيو گرمي وڌهي پئي منهنجي پاڻي تي هڻ هڻان هئي سوچم پاڻي موڪليان ڇوڪريون گاريون ڏئي ڏئي اصل موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي هوندي ڇوڪرو پڪڙي چيم منرل واٽر جي بوتل وٺي اچ پنجها رپيا ڏيندي چيو مانس ڇوڪرو پاڻي وٺي آيو بڪايا واپسي وٺندي چيو مانس هو سامهون ڇوڪريو بيٺيون اٿئي جيڪا بليڪ ابايا ۽ ريڊ اسڪارف ۾ اهي نه انکي ڏي منهنجي نالي ڇوڪرو ويو ۽ مونڏي اشاري ڪيئين مان هٿ مٿي ڪري اشارو ڪيو وٺو پاڻي منهنجي سنڌ جون نياڻيون بس پٽڻ بند ڪجو، هن پاڻي ورتو ۽ ٻي ڇوڪري منهنجي ڇوڪر کي چيو اسانکي ادا مير سان ڳالهائڻو آ مون چيو حاضر مان اٿي ويس انهن ڏي ڇوڪري مونکي چيو ادا مير اسانکي ڪڏي ضروري وڃڻو آ توهان اسان صرف پنج ڇوڪرين کي ڇڏيو هو ڳڻپ ۾ ڇهون نمبر هئي ساڳو خوف ۽ هيسيل نظرون مون چيو ڀيڻ اهو منهجي اصولن جي خلاف آ ڇڏڻ نه کپي پر توهانجو اسرار آ ته مان بندوبست ڪيان ٿو ۽ چيم هنکي به وٺي وڃو ويچاري اس ۾ پئي ٿي سڙي ڇوڪريون مونکي گهوٽ ٿيڻ جون دعائون ڏينديو ويون ۽ مون انهن ڇهن ڇوڪرين لاء پوئين رستي بندوست ڪرايو وڃڻ جو مان واپسي اچي ڌرڻي تي بيٺس پوليس پهتي ۽ جهڙپون ٿيون جنهن ۾ مونکي ڍڪ لڳا پر گرفتاري کان بچي ويس. ڪجھ ڏينهن ائين ئي گزري ويا ۽ هڪ ڏينهن مان حيدرآباد وڃڻ لاء 3 بجي پوائنٽ تي چڙهيس ته پوائنٽ ۾ شيخ اياز جي جڳ مشهور شاعري تي سنڌ جي امر ڳائڻي جيجي ظرينا بلوچ ڳائي رهي هئي"ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوء توسان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون، پوائنٽ هلي ۽ آئي ٽي فيڪلٽي کان جيئين گذري ته ساڳي اها هرڻي نما ڇوڪري هن دفعي غور سان ڏسي سگيس سنهي چيلھ جهڙي واقعي هرڻي هجي پير پدمڙا ڳيچي ڊڳهي هٿ جهڙا گلاب جون پتيون هجن ڳلڙا جيئين ڌرتي جا سڀئي گل خيس سمايل هجن چپڙا اهڙا جو شراب جون ڀريل بوتلون هجن اکين ۾ خوف جي اهڙي ته ٽڪري ڇانيل هجي جيئين سياري جي موسم ۾ سنڌوء جي پيٽ ۾ شانتي هوندي آ، خير بو مونکي ڏسندي اڳتي وڃي ويٺي حيدرآباد پهتاسين مونکي سائين امر جليل جو ڪتاب پلسراط ۽ سنڌ ڌرتي جي ان جوان شاعر جو ڪتاب وٺڻو هيو جنهن نوجواني ۾ شهادت ماڻي ڪتاب جو نالو الهائي تون ڪٿي آهين، رات جو پوائنٽ انتظار ڪندي مونکي هي نظر آئي اڪيلائي هئي، مان بيٺي خيس پڇومانس ته توهان ڪير آهيو ۽ ڪٿان جا آهيو هن مونکي صرف ايترو ٻڌايو ته سنڌ جي آهيان ۽ جاگيرداري نظام ۾ فاٿل آهيان، مونکي ڪجھ ڪجھ ته هنجي اکين جي تويل اداسي جي گهرائي جو اندازو ٿيو پر هنجي جوابن مونکي لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ مان فقت خاموش رهيس ٿوري دير کانپوء چيئين شاگرد سياست جي نالي شاگردن کي گهمراھ ڪندا آهيو پنهنجا ذاتي مفاد پورا ڪرائنيدا آهيو خدا جو خوف ڪون ٿو توهانکي به، مون مرڪي چيو هيو محترما مان هڪ سال کان پارٽي ۾ آهيان هڪ ميمبر کان ويندي هاڻي جنرل سيڪريٽري ٿيو آهيان پر مون ڪڏهن ڪنهنکي پنهنجي لاء هڪڙو گولڊ ليف مفت ۾ وٺي اچڻ لاء ناهي چيو توهان ته وڏا الظام ٿيون لڳايو، پوائن اچي وئي ۽ هو اڳيئين پاسي کان ۽ مان پوئين پاسي کان چڙهي ويٺس وقت سان گڏ سرگرميون به هلنديون رهيون مونکي هنجي ڊپارٽمينٽ جي تڏهن خبر پئي هئي جڏهن اسان آئي ٽي ڪينٽين کان ناري بازي شروع ڪري نڪتاسين هي اتي ڇوڪرين سان گروپ ۾ ويٺي هئي بلڪل ائين پئي لڳي جيئين گلاب جي گل کي ٻين گلن سان گڏ رکي ڇڏجي يا وري شاعري ۾ مفرد هوندي آ لطيف سرڪار جي شاعري هوندي آ هن مونکي ڏسندي ئي وراڻيو هيو چپ چپ گڊ ڪامريڊ ٿو اچي ۽ مان سنڌ جي قديمي ثقافت جو مظاهرو ڪندي هٿ ٻڌي ٿورو ڪنده جهڪايو هيو بيشڪ منهنجي ان عمل تي جام شاگردن غلط مطلب ڪڍندي چيو هيو ته اهي ٿو ڇورين جي پويان ڪامريڊ، منهنجو هڪڙو اصول اهو به هوندو هيو ته ڀلي محبتون ڪيون جهل پل ڪونهي پر پاري جي ڪم مهل ڪنهن به قسم جي ڇڙواڳي کي برداشت نه ڪيو ويندو ٻي صورت ۾ اهو ميمبر يا احديدار هڪ وارنگ کان پوء پارٽي مان خارج ڪيو ويندو بهرحال مون اچڻ سان ڪافي سڌارن جي ڪوشش ڪئي هئي اهو سڀ مان ان لاء ڪري سگيو هيس جو مونکي پارٽي صدر سڌريل ۽ سنجيده ماڻهون مليو هيو مونکي سنڌ سان عشق ايڏو هيو جو ڪڏهن ڪڏهن سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين کي ڏسي مصلحا جدوجهد جو شوق ٿيندو هيو پر پنهنجي رهبر جي ڏسيل رستي کان هٽڻ مون لاء زهر پيئڻ برابر هوندو هيو ۽ پاڻ کي اهو دليل ڏئي سمجهائيندو هيس ته پهرين سنڌ جو مسئلو ماڻهن تائين پهچائڻو آ جهر جنگ ڳوٺن ۾ وڃڻو آ سنڌهي قوم کي تيار ڪرڻو آ، هڪ ڏيئهن مان پارٽي ميٽنگ ڪوٺائي آئي ٽي ڪينٽين تي اسانجي سامهون ئي ڇوڪريون جوس ۽ پيس وٺي رهيو هيون ته هي به اچانڪ نظر آئي ڏسڻ سان ئي ڄڻ دل تي وڄون ڪري پيون هيون منهجي سفا پاڻ کي سنڌو جي جهولي ۾ ڪرندو محسوس ڪيو هيم هو اڄ پوري اجرڪ اوڍي آئي هئي جهڙوڪ سموري سنڌ اجرڪ ۾ سمايل هئي ان مهل مونکي واقعي سنڌ جو نقشو اجرڪ اندر محسوس ٿيو هيو ۽ دل مان آواز نڪتو هيو مير اڄ ته مهراڻ موج ۾ آ يار،