رات جا 9 ٿيا هئا ۽ لائبريرين سڀن کي چئي رهيو هو ته لائيبريري بند ٿيڻ واري آهي ، ۽ لائيبريرين ٽيوب لائيٽون ۽ اي سي بند ڪرڻ شروع ڪيون ، لائيبريري م 50 کان مٿي شاگرد ان وقت موجود هئا ، جيڪي پنهنجا ڪتاب ميڙي ٻاهر نڪرڻ لڳا ، منهنجو دوست ارسلان جيڪو پڙهائي م تمام لائق آهي ۽ سٺي طبيعت جو پڻ مالڪ آهي هن پنهنجي اليڪٽريڪل انجينئرنگ جا نوٽس هٿن م کڻڻ بعد لائيبريري جي مک دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ آئون پنهنجا ڪتاب ۽ اخبارون کڻي جيئن ئي ڊسڪشن هال م داخل ٿيم ته اُتي ويٺل ڇوڪرين جي ميڙ تي نظر پئي جنهن م هڪ ڪنول جي گُل مثل ڇوڪري مٿان نظر پئي ، هونءَ ته اُتي ڪيتريون ئي ڇوڪريون هيون پر هي الاءِ ڇو سڀن کان الڳ لڳي ، جيئن گلن م گلاب جو گُل منفرد هوندو آ جيئن شاعري جي ميدان لطف جي شاعري منفرد هوندي آ تيئن هو به سڀن کان الڳ ۽ نمايان نظر اچي رهي هئي ، ڏسڻ بعد احساس ٿيو تہ هو هڪ سادي طبيعت جي آ ، چهري تي نه ئي ميڪپ نه ئي ڪي خاص زيور بس ٻنهن ڀورين ٻانهن م سونا ڪنگڻ پاتل هئس ، هڪ دم ذهن م جنت جو خيال آيو ته ڇا جنت م به حورون جن جو ذڪر ٿيندو آ اهڙيون هونديون يا هي وڌيڪ حسين آ ؟ وقت ڄڻ بيهجي ويو هجي پيرن م ڄڻ زنجير پئجي ويا.
اکين م ڏسڻ بعد احساس پاڻهئي سنڌو جي گهرائي ڏانهن ڇڪجي ويو ڄڻ تہ سنڌو جي گهرائي م گوتا کائڻ لڳس آئون ، ان جا ڳل ڀورا ۽ ڳاڙها هئا ڄڻ تہ قدرت سڀن حسين گلن مان ان جو چهرو ٺاهيو هجي ، ان جا وار ان جي چهري تي هر هر ائين پئي آيا جيئن چوڏهين جو چنڊ سانوڻ جي ڪڪرن سان اک ٻوٽ راند کيڏي رهيو هجي ، هن جي وارن جي سينڌ سنڌو دريا جيئن سنڌو جو سينو چيري اڳتي وڌندو آ تيئن ئي هن جي وارن جي سينڌ جي ليڪ هئي ،
هو پنهنجا ڪتاب سهيڙيندي ڪجھ جهونگاري رهي هئي ۽ پنهنجي ساهيلي سان ڪنهن ڳالهه تي ٽهڪ به ڏئي رهي هئي ، هن جي ٽهڪن ۾ ڪوئل جي مڌرتا سمايل هئي .
مان پنهنجي خيالن کي ان اڳيان بيوس پئي محسوس ڪيو ايتري م پويان ڪنهن جي آواز مونکي ساڳي پنهنجي هوش واري جاءِ تي آڻي بيهاريو ، ڪنڌ ورائي ڏسان ته پويان ارسلان مرڪندڙ مک سان چئي رهيو هو تہ “سرويچ” هلو ڪٿي گم ٿي ويا هو ڪينٽين پهچڻو آ دير ڪنداسون ته اڄ بک تي گزارڻو پوندو، مون کي ڄڻ اڻ پيتي جا نشا چڙهي ويا هئا، هوش سنڀالڻ م ٿورو وقت لڳو .
منهنجي ۽ ارسلان جي روٽين هوندي هئي ته پنهنجي ڊيپارٽمنٽ مان هاسٽل وڃي هڪ ڪلاڪ ريسٽ ڪندا هئاسون ان بعد وري لائيبريري ويندا هئاسون ، اسان لائيبريري پهچڻ کان اڳ اولڊ ٽيچر هاسٽل تي چانهه ضرور پيئندا هئاسون ، هونءَ به آئون چانهه جو وڌيڪ شوقين آهيان ، آئون روز لائيبريري ويندو هئم هو ڪنهن پرديسي پکيءَ وانگي ڪڏهن ڪڏهن لائبريري جي رونق کي چار چنڊ هڻڻ ايندي هئي .
ڪجهه ڏينهن ائين ئي گزري ويا هو نه آئي پر هڪ ڏينهن اوچتو هو اسان جي ڪلاس جي ڇوڪري فاطمه سان گڏ ايندي نظر آئي ، فاطمه مونکي پنهنجو ڀاءُ سڏيندي هئي ۽ تمام عزت ڪندي هئي .
ارسلان پنهنجا نوٽس چيو ت اجايو آيا آهيون مهراڻ يونيورسٽي م اصل جيل يا فوجي ڇانوڻي آهي ، مان گرلز سيڪشن جي بلڪل سامهون سيپريٽ سيڪشن م ويهي پڙهندو هئس ، اُتي گوڙ گهٽ هوندو هو .
فاطمه مونکي ڪڏهن ڪڏهن ڊيپارٽ م ملندي هئي ڪنهن نه ڪنهن ڪم سانگي ، هڪ ڏينهن مون فاطمه کان پنهنجي فيلڊ سان ريليٽڊ ڪتاب ورتو جيڪو فاطمه شام تائين موٽائي ڏيڻ جي شرط تي ڏنو . ۽ مون به شام لائيبريري م واپس ڏيڻ جو چيو .
شام ٿي ساڳي ڇوڪري فاطمه سان گڏ اچي گرلز سيڪشن م اچي ويٺيون ، آئون پنهنجي پڙهائي م لڳو رهيم ٿوري دير بعد منهنجي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو پوئتي ورائي ڏٺم ته لائيبريرين هيو ۽ اشارو ڪندي ٻڌايائين ته هوءَ ڇوڪري توهان کي سڏي پئي ، مان ڏٺو ته فاطمه ۽ هو ٻئي بيٺيون هيون لائيبريرين جي ٽيبل اڳيان جيڪا لائيبريري جي وچ م پيل آهي .
مان ڪتاب کڻي سندن ڏانهن وڌڻ لڳم پهچي ٻنهن کي سلام ڪري فاطمه کي ان جو ڪتاب موٽايم ، فاطمه منهنجو تعارف پنهنجي ساهيلي سان ڪرائيندي چيو “پرهه” هي آهي ادا “سرويچ” تنهن تي پرھ چيو اووه اوهان آهيو مسٽر سرويچ فاطمه اوهان جي تعريف ڪندي آ ، آئون اتان انهن کان موڪلائي پنهنجي اسٽڊي واري جاءِ ويهي پرهڻ لڳس .
ائين ئي آهسته آهسته فاطمه سان گڏ ايندڙ پرهه سان منهنجي به دعا سلام ٿي ۽ رابطي لاءِ پنهنجا نمبر مٽا سٽا ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا تي پڻ ايڊ ڪيوسين .
مونکي سنڌي ادب سان تمام گهڻو چاهه آهي پر هو سنڌي ادب کي ايترو پسند نه ڪندي هئي .
پرھ ۽ مان ڪڏهن به اڪيلا نه مليا هئاسين جيتريون به ملاقاتون ٿينديون هيون فاطمہ جي موجودگي ۾ ٿيون هيون پر نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ويو جو اسان ٻنهي اڪيلي ۾ ملڻ جو ارادو ڪيو هي منهنجي پرھ سان پهرين اڪيلائپ ۾ ملاقات هئي،مان سوچي رهيو هيس ته ڪهڙو تحفو ڏيانس پوءِ خيال آيو ته ڇو نه پنهنجي ڪتابن مان ڪجھ ڪتاب تحفي ۾ ڏيانس، مان هن لاءِ خاص خاص ڪتاب ڳولي رکيا ۽ ان ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳس ان ڏينهن پرھ جي وائواز هئي هو وائواز ڏئي آئي ۽ مان انجو لائبريري ۾ اڳ ئي انتظار ڪري رهيو هيس ان ڏينهن لائبريري ۾ ايتري ته رش هئي جو مون ملڻ جو خيال ترڪ ڪري ڇڏيوبس سوچي رهيو هيس ته پرھ اچي ته ڪتاب ڏيانس ۽ مان هليو وڃان، پرھ آئي ۽ مونکي ڏسي مرڪي هنجو هڪڙو دفعو مرڪي ڏسڻ ئي ڪافي هيو مان ميڻ وانگر ڳري ويس ۽ دل ۾ امنگ جاڳي پئي ته پرھ سان ڪجھ لمحه گذاريان پر اوڏي محل شايد نه ملي سگهون ها جي پرھ کي ڪتابن جي شيلفن جي وچ واري خالي جڳھ نظر نه اچي ها، اسان ٻئي اتي ويٺاسين پرھ بي چپ ته مان بي چپ اسان ٻنهي وٽ ڪو به موضوع ڪون هيو جو انتي ڳالهايون پوءِ پرھ مونکي ٻڌايو ته هو هڪ مڊل ڪلاس جي فيملي مان آهي ۽ سندس والد هڪ سرڪاري ملازم آهي هو ٽي ڀينرون آهن ،پرھ انتي مونکي چيو سرويچ توهان پنهنجي باري ٻڌايو مون وراڻيو ته هر شي ساڳي آهي مونسان بس توهانجو والد صاحب حيات آهي ۽ منهنجو بابا تڏهن گذاري ويو هيو جڏهن مان اٺون پڙهندو هيس انتي پرھ مون ڏي همدردي مان ڏسندي چيو ته سرويچ مونکي معاف ڪجو مونکي خبر نه هئي ته توهانجو والد صاحب مالڪ حقيقي ڏي هليو ويو آهي انتي مون چيو ته سڄي فيملي جي زميداري مونتي آهي جنهن کي مان پڙهائي پوري ڪري نڀائڻ ٿو چاهيان مان اهو به ٻڌايوهيو ته مونکي وڏو شوق آهي سي ايس ايس امتحان ڏيڻ جو، پوءِ اسان ٻئي زماني جون ڳاليون ڪرڻ لڳاسين پرھ ايڏي ته معصوم ۽ سادي هئي جو مونکي شڪ پئي ٿيو ته هي سڀ ڪجھ بناوٽي ته ڪونهي پر پوءِ يقين ٿيو ته واقعي ئي پرھ ايڏي معصوم آهي ڳالهين ڳاليهن ۾ مان پرھ کان پڇيو ته پرھ توهانکي زندگي جو ڪو خواب يا خوائش آهي انتي پرھ چيو ها آهي نه مونجي خواهش آهي ته مان دنيا جا سٺا سٺا ملڪ گهمان ۽ اها ڳالھ ڪندي مون هنجي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ ڏٺي هئي،پوءِ اسان جام ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي پنهنجي هاسٽل هليا وياسين.
ملڻ جلڻ جو سلسلو ائين جاري رهيو جيئن ڪنهن آبشار مان پاڻي لڳاتار وهندو آهي،هر هفتي جي جمعي تي اسان ٻئين ڪلاسس وٺڻ کانپوءِ سنڌيالاجي هليا ويندا هئاسين ۽ شام جو واپس ايندا هئاسين، ٿوري ئي وقت ۾ اسان ٻئي هڪ ٻي کي بيهد ويجها ٿي ويا هئاسين،اسان ٻنهي جو جوڙو به ڏاڊو عجيب هيو جو مان ٿورو خاموش ۽ سنجيدا رهڻ وارو ته هوء وري چنچل ۽ خوش مزاج ڇوڪري هئي.
هڪ ڏينهن اسان ٻنهي حيدرآباد ۾ ڊنر ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ مون پرھ کي پرپوز ڪيو ان تي هن چيو ته جيترو به وقت توسان گذاريو آ ان مان اهيو ضرور سکيو آ ته مونکي توهان سان محبت ٿي وئي آهي ۽ هڪ چاندي جي منڊي مونکي پارائيندي چيائين ته جبران مونکي ڪڏهن ڇڏي نه وڃجان هن جا اهي لفظ مونکي دل ۾ تير وانگر لڳا هئا ۽ مون اوڏي مهل ئي پنهنجي زندگي جو مقصد پرھ جو ساٿ ڏيڻ ٺاهي ڇڏيو هيو اسان ٻئي هڪ ٻي سان بيهد سنسيئر هئاسين،پرھ سان گڏ هوندي مونکي نه اڃ جي هوندي هئي نه بک جي بس دل او دماغ تي پرھ ڇانيل هوندي هئي پرھ مون لاءِ ائين هئي جيئن ٿر تي ڪارا ڪڪر اچن ۽ برساتن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ڪن،پرھ منهنجي زندگي جي پهرين محبت هئي مون زندگي کي ايڏو حسين ۽ دل فريب پهرين ڪڏهن محسوس نه ڪيو هيو پرھ جو منهنجي زندگي ۾ اچڻ ائين هيو جيئين ڪنهن مسافر کي پنهنجي منزل ملي وئي هجي يا وري طوفانن ۾ ڦاٿل ان ڪمزور ٻيڙي کي ڪنارو ملي ويو هجي جيڪا اڳلي ئي لمحي ٻڏڻ واري هئي ۽ پنهنجي هر اميد وڃائي ويٺي هجي.
مون هڪڙي ڀيري پرھ کي اداس ڏٺو هيو ۽ پڇو هيو مانس ته ڇا مسئلو آ پر هن حقيقت ڪون ڪئي هئي،پوءِ مونکي ڪٿان خبر پئي هئي ته ڪو پرھ جي ئي ڪلاس جو ڇوڪرو کيس تنگ ڪندو هيس دوستي رکڻ لاءِ چوندو آهيس مان ان ڳالھ جي تصديق فاطمه کان ڪئي ۽ ارسلان سميت ڪجھ دوستن سان گڏ ان سان وڙهڻ ويس وڙهياسين ڪجھ ڌڪ هنهن کي لڳا ته ڪجھ اسانکي مونکي سڪا ۽ رتانڻا ڌڪ لڳا هئا، ٻئي ڏينهن جڏهن پرھ مونسان ملي ته مونکي بينديج لڳل ڏسي مرجهائجي وئي ۽حيرت مان پڇيائين ڇا ٿيو اٿئي مان نٽائيندي ٻي ڳالھ ڪئي ته ڪاوڙ ۾ اچي چيئين ٻڌايندي يا نه پرھ ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙهي ٿي ويندي هئي جنهن تي مون هنکي حقيقت ٻڌائي ته پرھ روئڻ واريو اکيون ڪري چوڻ لڳي چريا توکي ڪجھ ٿي وڃي ها ته ان تي مون کيس چيو ته چري مونکي ڪجھ ٿورئي ٿيندو تنهنجي هوندي.
ايتري ۾ فاطمه کي به اسان جي پريم ڪهاڻي جي خبر پئجي وئي هئي جنهن تي فاتمه مونکي چيو ادا مونکي ٽريٽ کپي جنهن تي مون ورانڻيو ادي کوڙ ٽريٽون ۽ پوءِ مان پرھ ۽ فاطمه حيدرآباد پيزه هٽ وياسين مون فاطمه کي ٽريٽ ڏني ڇو جو مان نه پئي چاهيو ته فاطمه پرھ کي ڪڏهن منهڙو ڏيس خير ان وقت مون وٽ ايترا پئسا ڪون هئا مون پنهنجي سالياني يونيورسٽي جي فيس نه پياري هئي ۽ تڏهن ٽريٽ ڏيڻ جي قابل ٿي سگيس.
هڪڙي ڀيري مان ۽ پرھ گرلس هاسٽل جي سامهون مارٽ جي پويان ويٺا ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ٿدڙي هير به لڳي رهي هئي ماحول بلڪل خاموش هيو آفتاب به غروب ٿي رهيو هيو جهڙو بيضي جي ڦڪي زردي هجي ،
اسان ٻئي بلڪل ويجها ويٺا هئاسين ۽ مان پرھ جي اڃا ويجهو ويس ۽ پرھ جا چپ چمڻ شروع ڪيا پرھ بي ساٿ ڏنو مونکي ته ائين محسوس پئي ٿيو جو مان ماکي کان مٺو ۽ شراب کان به وڌيڪ نشي وارو ڪو مشروب پي رهيو آهيان اهي احساس اهي جذبات شايد مان لفظن ۾ قيد ئي نه ڪري سگهان پرھ جي اندران ايندڙ تيز گرم ساھ مون ۾ اڃا بي جوش ڀري رهيو هو،
خير دل ته نه پئي چيو الڳ ٿيڻ کان پر هن سماج جي لڪل نانگن جي ڀوءَ کان اسان ٻئي الڳ ٿياسين، اونداھ بي ٿي وئي هئي مان پرھ کي انجي هاسٽل گيٽ وٽ ڇڏيو ۽ مان پاڻ به رڳو گذريل لمحي جون حسين ۽ دلڪش سوچون کڻي پنهنجي بوائز هاسٽل ڏانهن وڃڻ لڳس.
هڪڙي ڏينهن پرھ مونکي ٻڌايو ته آل ڊپارٽمينٽ ٽوئر انائونس ٿيو آ اسان ٻئي به هلون نه هن جي چوڻ جو انداز ئي ايڏو پيارو هيو جو مان منع نه ڪري سگهيس مون پرھ جي ۽ پنهنجي پنج پنج هزار فيس ڀري ۽ ٺيڪ هفتي کانپوءِ اسان ٽوئر تي وياسين،ٽوئر ٻن ڏينهن جو هيو سو رهائش جو انتظام يونيورسٽي طرفان ڪنهن سٺي رهائشي هوٽل ۾ ڪيو هيو، پهرين ڏينهن ته اسانکي گهمائي گهمائي منجهند جو اچي هوٽل تي لاٿو ٿهڪجي به پياسين انڪري بوائز پنهنجي ڪمرن ۾ ۽ گرلس پنهنجي ڪمرن ۾ آرام ڪرڻ هليا ويا.
شام پنج ٿيا هئا منهنجي اک کلي ته مان پنهنجي ڪمري مان نڪري ويس هوٽل جي بالڪني ۾ ته اتي مني ريسٽورينٽ هيو ڏٺم ته پرھ ڪجھ ٻين ڇوڪرين سان گڏ ويٺي هئي مان سندس موبائل تي رنگ ڪئي ۽ چيو ته اتان نڪري اچي هو آئي مونڏي ۽ اسان ٻئي ڪپلس روم ۾ وڃي ويٺاسين جٿي روشني به ڏاڍي ڊم هئي ۽ ڪپلس لاءِ بوٿ الڳ الڳ گولائي واري شيپ ۾ ٺهيل هئا جيئين ڪنهن جي ٻئي تي نظر ن پوي پرھ ۽ مان اتي چانھ آرڊر ڪئي ۽ ڪچهري ڪرڻ لڳاسين ان ڪپلس هال ۾ ڊيڪوريشن ۽ روشني جو حساب ڪتاب اهڙو ته بهترين ٿيل هيو جو ماحول پاڻ مرادو رومانٽڪ ٿي ويو هيو مان پرھ جي هٿ تي هٿ رکيو ۽ زور سان دٻايو ت پرھ منهنجي هٿ کي ب زور سان پڪڙيو اسان ٻنهي جي جسمن ۾ جواني جون چڻگون ڪرنٽ وانگي ڊوڙي رهيون هيون ۽ مان پرھ جي دل جي ڳالھ سمجهي ويس مان اوڏي مهل ئي فاطمه کي رنگ ڪري چيم ت ادي اڄ رات پرھ ۽ مان گڏ هونداسين توهان پنهنجي ميڊم کي سنڀالي وٺجوس فاطمه ٿورو کلي ۽ چيائين ڀلي ادا توهان بي فڪر رهو.اسان اتان اٿياسين ۽ مون ان ئي هوٽل جي مٿين فلور تي الڳ ڪمرو بُڪ ڪرايو ۽ پوءِ اوڏهين وياسن.
اها رات منهنجي زندگي جي سڀ کان حسين ۽ مٺي رات هئي ان رات مونکي پنهنجي وجود ۾ هڪ نواڻ ۽ تبديلي محسوس ٿي هئي اها ئي رات هئي جنهن رات اسان ٻنهي پنهنجو ڪنواريون جوانيون هڪ ٻئي تي بنا خوف جي سڄي رات نڇاور ڪيون هيون ۽ ٻئي جسم هڪ ٿيا هئا، سچ پچ ته اها سڄي رات اسان ٻئي ستا ئي ڪون هياسين.
ٽوئر تان واپسي ٿي ۽ محبتن جو سلسلو ائين ئي اروج تي رهيو جيئين ڪنهن دور ۾ موئن جي دڙي جو اروج هيو.
فائنل ايئر ۾ آياسين ۽ اهو سال مونتي قيامتن وارو سال هيو،مان پنهنجي امان سان فون تي ڳالهايو ته تون پرھ جي امان سان ڳالهاءِ منهنجي ۽ هنجي رشتي متعلق منهنجي امڙ ٿوري بحث ڪرڻ کانپوءِ مڃي ورتو.
مان پرھ کي ملڻ لاءِ چيو هو آئي مارٽ تي اسان ٻنهي جوس پيتو ۽ مون چيو مانس ت تون پنهنجي امڙ جو موبائل نمبر ڏي انتي پرھ عجب مان چيو ڇو خير ۾ مون چيو منهنجي امڙ ڳالهائيندي تنهنجي امڙ سان پرھ چيو پر ڇا جي بابت مون چيو اسان ٻنهي جي رشتي بابت انتي پرھ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چوڻ لڳي مان شادي ۽ توسان اسان ٻئي ڪڏهن ب هڪ نٿا ٿي سگهون، پرھ جا اهي لفظ ٻڌي منهنجي اکين تي جهڙو انڌهار اچي ويو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ائين ڇوليون هڻڻ لڳا جيئين چوڏهين جي رات سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي.
منهنجي اکين جا گوڙها منهنجي مرضي جي خلاف اکين جا بند ڀڃي وهڻ لڳا ۽ مان آلين اکين سان پڇومانس ت ڇو نٿا ٿي سگهون هڪ انتي پرھ انتهائي خودغرض ۽ مطلبي لهجي ۾ چيو ڇو جو مونکي آسمان تي وڃڻو آ ۽ تون محض زمين جي معمولي خاڪ آهين، ۽ خاڪ کي منهن تي ناهي لڳائبو بلڪه منهن تان صاف ڪبو آ، منهنجي ت اوڏي مهل ڄڻ دنيا ئي ختم ٿي وئي هئي مان پوءِ ب پنهنجو پاڻ کي سنڀاليندي پڇيومانس ت هي جيڪو ڪجھ اسان ٻنهي جي وچ هيو اهو ڇا اهيو انتي پرھ کلندي چيو اهو سڀھ ڪجھ ٽائيم پاس هيو توسان منهنجو، منهجي اکين مان لڙڪ ائين جيئين ڪو آبشار برسات جي مند ۾ وهندو آهي.
مان اتان پنهنجي ٽٽل دل ۽ اڌورا ارمان کڻي هلڻ لڳس ت پويان پرھ چوي ٿي مونسان اڄ کان پوءِ ن ملڻ جي ڪوشش ڪجان ن ئي ڪنهن قسم جو رابطو رکڻ جي ڪوشش ڪجان مان بنا پوئتي اشارو اشارو ڪيو ۽ پنهنجي هاسٽل ڏانهن هلندو رهيس.
مان مهراڻ يونيورسٽي مان فائنل ڪري هليو ويس ۽ سي ايس ايس جي تياري ڪيان ٿو ۽ فائنل ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ امتحان ڏيان ٿو ۽ سليڪٽ ٿي ٿو وڃان سي ايس ايس ۾ ۽ اسسٽنٽ سپريڊنٽ آف پوليس ٿيان ٿو،وقت گذري ٿو ۽ جڏهن منهنجي پنجاب مان بدلي ٿي سنڌ اچان ٿو ۽ ڪراچي ايسٽ ۾ اسسٽنٽ سپريڊنٽ آف پوليس طور پنهنجو خدمتو سر انجام ڏيان ٿو نئي نئي بدلي ٿئي ٿي ت ڪپڙن وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪندي ارسلان کان فون تي پڇان ٿو ت ڪراچي ۾ سٺو شاپنگ سينٽر ت ٻڌاءِ ۽ اهو هائپر اسٽار جو ڏس ڏي ٿو مان آچر جي ڏينهن پنهنجي آفيشل پروٽوڪول سان گڏ هائپر اسٽار شاپنگ ڪرڻ لاءِ نڪران ٿو،شاپنگ ڪندي ڪندي اچانڪ منهنجي پرھ تي نظر پوي ٿي جنهن کي ڪڏهن مان هن ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ چاهيندو هيس هو منهنجي سامهون اچي ٿي ۽ مونکي ڏسي حيرت مان چوي ٿي ت سرويچ تون هتي مان چوان ٿو جي مان،
پرھ ٽوڪ جي انداز ۾ پڇيو ت ڇا پيا ڪيو اڄڪلھ منهنجي پويان بيٺل پنج گارڊ انجي گواهي ڏينس ٿا ت مان ڪنهن تمام وڏي پوسٽ تي آهيان پوءِ ب مان هنکي هنجي اوقات ياد ڏياريندي چوانس ٿو ت هتي اسسٽنٽ سپريڊنٽ آف پوليس آهيان سي ايس ايس ڪليئر ڪيم پرھ جي چهري تي حيرت جا ڪڪر ڇائنجي ويا هجن اهڙو منهن ٿي ويس ٻڌي.
مون چيو ڪجھ سپنا ڏٺا هئا جن مان سي ايس ايس پاس ڪرڻ هيو اهو پورو ٿي ويو باقي ڪجهه ماڻهون نه مليا جيڪو ب وقت گذاريم ان جو وڏو افسوس آ ته ڇو فضول ماڻهن تي ضايع ڪيو.
مان ويندي ويندي پرھ کي آخري لفظ چيا ت محبت.
زندگي جو حصو ضرور آهي پر زندگي ناهي
سرويچ