منگل، 12 فروری، 2019

تصوف، معاشرو ۽ عورت

تصوف ، معاشرو ۽ عورت
ڇا تصوف ۽ صوفي ازم يا اهڙو ماڻهو جيڪو انهيءَ نظريي جو پوئلڳ هجي ۽ پاڻ کي صوفي سڏائيندو هجي سو عورت ۽ مرد کي معاشري ۾ بنا ڪنهن فرق ۽ مت ڀيد جي هڪ جهڙو يا برابر جو رتبو يا درجو ڏيڻ کانسواءِ تصوف جي روحانيت ۽ آفاقيت کان مطمئن ٿي سگھي ٿو !
ڇا سندس سوچ ۽ سمجھ توڙي فڪراڻ برابري ۽ تعصب ٻڌل انهيءَ اڌوري تصوف تي  بغير ڪو سوال اٿارڻ جي پوري ٿي  وڄي ٿي !
ڇا اهڙو ماڻهو جيڪو تصوف جي اصل روحانيت کي پوري ريت پروڙي واقف ٿيڻ کانسواءِ  پنهنجي چئوگرد  واري ماحول ۽ معاشرتي ۽ خارجي اثرن کان متاثر ٿيل پنهنجي عقل ۽ شعور مطابق پنهنجي تصوف واري عقيدي جو بنياد رکي مطمئن ٿيو ويٺو آهي تنهن کي واقعي صوفي سڏائڻ جو حق آهي يا اهو چئجي ته هو بيمار صوفي آهي.
روحانيت جو پانڌيئڙو  ته ڪنهن به خارجي اثر قبول ڪرڻ کانسواءِ فقط انهيءَ رستي جو مسافر هوندو آهي ۽ مرڻ گھڙي تائين سچ ۽ حق جي ڳولها جاري رکندو آهي.
آئون سمجھان ٿي ته تصوف ۽ صوفي ازم جا سمورا موجوده نظريا، خيال ۽ تصور بيماري جي ور چڙهيل  اڏوهي کاڌل ۽ تصوف جي بگڙيل شڪل آهن جن تي مردن واري سماج معاشري  مذهب ۽ علاقائيت جهڙين خرابين جا ايترا ته ابيماري جي ور چڙهيل  اڏوهي کاڏل ۽ تصوف جي بگڙيل شڪل آهن جن تي مردن واري سماج معاشري  مذهب ۽ علاقئيت جهڙين خرابين جا ايترا ته اثر آهن جو اسان انهن  پاڻ گھڙيل هٿ ٽوڪين سماجي قدرن اخلاقيات ۽ روايتن جي ناسور جي ور چڙهيل هٿرادوتصوف ۽ صوفي ازم کي ئي حقيقي ۽ آفاقي تصوف سمجھون ٿا. اهو تصور دنيا جي هر معاشري ۾ ائين پکڙجي ويو آهي جيئن ايڊز جو مرض  هجي جنهن جا جيوڙا ڪنهن انسان جي رت ۾ شامل ٿي ان جي سموري جسم ۾ گردش ڪرڻ لڳنددا آهن.
انهن ڳالهين کي آڌو رکجي ته پوءِ تصوف جي اهڙي تصور کي هڪ شعور رکندڙ ۽ غور ڪندڙ عورت ڪيئن قبول ڪري يا ان مان  مطمئن ٿي سگھي ؟ ۽ بنا ڪجھ پڇڻ جي ان کي قبول ڪري وٺي .
اسان جا درگاهي صوفي چون ٿا اسلامي پس منظر ۾  تصوف عورت کي وڏو درجو ڏنو آهي اهڙو( اسپيس) ڏنو آهي جو هوءَ درگاهي راڳ ۽ ناچ جو حصو بڻجي سگھي ٿي.
منهن جو سوال اهو آهي ته ڇا عورت کي رڳو درگاهن تي نچڻ ڪڏڻ جي آزادي ٿي گھرجي ؟! ڇا تصوف اسان جي معاشري ۾ عورت کي رڳو ايتري آزادي ڏئي ٿو ته هوءَ  مرد جي رهبريءَ ۽ رهنمائي ۾ مليل آزادي کي،  اجازت کي غنيمت سمجھي ماٺ ڪري ۽ انهن طرفان مليل انهيءَ نالي ماتر آزادي واري منظوريءَ تي سندن  ٿورائتي ٿي چپ ڪري ويهي رهي جيڪي پاڻ  تصوف جون جعلي ڊگريون پنهنجن هٿن ۾ کڻي پاڻ کي سچو صوفي ٿا سمجھن ۽ صوفي ٿا سڏائين.
ڇا اهي شڪل بگاڙيل ۽ اڏوهي کاڌل نام نهاد تصوف جا ٺيڪيدار جيڪي پنهنجي گھر جي عورتن کي چادر ۽ چار ديواري  جو درس ڏيندي پردي جي تلقين ٿا ڪن ۽ انهيءَ کي پنهنجي عزت جو معيار ٿا سمجهن ۽ صوفي به ٿا سڏائين وري روشن خيالي جو ڊونگ رچائيندي اها فتوا ٿا ڏين ته اسلامي تصوف عورت کي نچڻ  ڪڏڻ جي اجازت ڏني آهي ٻيو ڇا ڪري ! ؟
اهڙن ٻه منهن رکندڙ صوفين کي ڇا چئجي ڇا صوفي اهڙا ٻه منهان به ٿيندا آهن ڇا ؟
اهڙن درگاهي صوفين لاءِ مان ٻيو ڪجه به نٿي چوان پر آئون اهو سمجھان ٿي ته هڪ فڪري سوچ رکندڙ عورت اهڙي شڪل بگاڙيل ۽ بيماري جي ور چڙهيل تصوف  تي نٿي ڀاڙي سگهي جيڪو فقط مردن جي ترجماني ڪندو هجي ۽ عورت کي هڪ جهڙو ۽ برابري وارو مرتبو ۽ درجو ڏيڻ بدران نالي ماتر گنجائش (اسپيس)  ڏيڻ جو قائل هجي. مون ته گھٽ ۾ گھٽ اهڙو تصوف ناهي ٻڌو.!
جڏنهن ته تصوف ۽ صوفي ازم پنهنجي حقيقي فطرت ۾ نج شفاف ڪنهن به قسم جي تعصب جنسي سڃاڻپ ۽ شناخت توڙي فرق ۽ اڻ برابري  کان آزاد آفاقي ۽ لا فاني آهي.۽ آفاقي روحانيت جيڪا تصوف جو محور آهي. هي اهڙو اعلي درجي جو مقام آهي جيڪو ڪنهن به قسم جي سماجي ثقافتي مذهبي ۽ علاقائي اثرن کان متاثر  نٿو ٿي سگھي ۽ نه ئي ان کي بدلائي  ٽوڙي مروڙي ۽ شڪل بگاڙي ڪنهن به انسان تي مڙهي يا ٿاڦي سگھجي ٿو ڀلي اها عورت هجي يا مرد !


 ليکڪ ؛ فردوس صديق .

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں